ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ مان گم ٿيل ماڻهن جي معاملي کي سنجيدگي سان ورتو آهي، سنڌ پوليس کي ھدايت ڪئي آهي ته آھي ماڻھو پيدا ڪري ڏيو. ڪراچي جي جھانگير پارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته، گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس کي چيو آھي تہ جيڪڏهن گم ٿيل ماڻهو اوھان وٽ ناھن ته ٻڌايو وڃي ته آھي ماڻھو ڪٿي آھن. وڏي وزير چيو ته سنڌ يا ملڪ ۾ ڪٿي به غير آئيني قدم کنيو ويو ته ان جي مخالفت ڪنداسين.
Check Also
ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني
اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …