Sunday , June 15 2025
Breaking News

ملير: گلشن حديد ويجهو لنڪ روڊ تان 4 لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي

ملير: لشن حديد ويجهو لنڪ روڊ تان چئن ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن، جنهن جاءِ تان لاش مليا آهن اتي رت جا نشان نه مليا آهن. ان سلسلي ۾ اسٽيل ٽائون شپ پوليس جو چوڻ آهي ته اڃا تائين ڪنهن به لاش جي سڃاڻپ نه ٿي، نه ئي ڪو وارث ظاهر ٿيو آهي. پوليس لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا آهن. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته چئني چئني ڄڻن کي ڪنهن ٻي هنڌ قتل ڪرڻ بعد لاش هتي اڇلايا ويا آهن، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته هٿ آيل لاش شڪل صورت مان پٺاڻ لڳي رهيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *