Sunday , June 15 2025
Breaking News

معصوم شاگردن سان بدفعلي ڪري وڊيوز ٺاھيندڙ رٽائرڊ استاد سارنگ شر گرفتار

خيرپور( خاص نمائندو سنڌسماءَچار ) ٺري ميرواهه ۾ شاگردن سان بدفعلي ڪندڙ رٽائرڊ استاد سارنگ شر کي پوليس خيرپور شھر مان گرفتار ڪري ورتو آهي،سارنگ شر کي سي آء اي پوليس جي تحويل۾ رکيو ويو آهي.  خيرپور جي سي آء اي پوليس ضلعي جي ڏھ ٿاڻن جي پوليس اهلڪارن سان گڏجي ڪارروائي ڪئي، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته سارنگ شر کي ھڪ غير سياسي ۽ بااثر شصيت جي ھائوس ٻاھران گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪنب پوليس جو چوڻ آهي ته شاگرد سان بدفعلي جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد جوابدار سارنگ شر گم ٿي ويو هو، جنهن کي خيرپور مان گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار تي زيادتي جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ٿيل آھن، جن مانھڪايمان ھڪ ايف آء آر ۾ دھشتگردي جا قلم به شامل آهن، رٽائرڊ استاد پاران نينگرن سان زيادتي واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سياسي سماجي ڌرين احتجاجي مظاهرو ڪندي جوابدار کي فوري گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *