Friday , April 25 2025

مسڻ پوليس جي ڪارروائي، مين پڙيون سپلاءِ ڪندڙ جوابدار گرفتار

ٽنڊوالهيار(رپورٽ سجاد حسين سنڌ سماچار) مسڻ وڏي پوليس لطيف آباد موڙ ڀرسان ڪارروائي ڪري گٽڪو ۽ مين پڙيون سپلاءِ ڪندڙ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جوابدار جي قبضي مان مين پڙيون، هڪ اڻ رجسٽرڊ موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي. پوليس جو چوڻ آهي ته  گٽڪي، مين پڙي ۽ سوپارين جي وڪري ۽ سپلاءِ خلاف ڪاررواين دوران لطيف آباد موڙ وٽان هڪ جوابدار عبداالحميد والد عبدالله ڪالرو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان مين پڙين جا پنج سئو پيڪٽ ۽ هڪ اڻ رجسٽرڊ موٽرسائيڪل هٿ ڪري کيس گرفتار ڪيو آهي، پوليس موجب جوابدار خلاف قلم 550  تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ۽ مين پڙي جو به ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *