Sunday , June 15 2025
Breaking News

لاڙڪاڻي جو ڪهڙو حشر ڪيو ويو آهي، ڪا هڪ گهٽي يا رستو به ٺيڪ ناهي: جسٽس عمر سيال

لاڙڪاڻي شهر جي رهائشي علائقي جو هڪ ڏيک (فائل فوٽو)

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) ”لاڙڪاڻي جو ڪهڙُ حشر ڪيو ويو آهي، جنهن کي ترقي ڏسڻي آهي ته اُهو وڃي لاڙڪاڻو گهمي ڏسي“، اهي رمارڪس ڏنا آهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج، جسٽس عمر سيال. جسٽس عمر سيال لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين اصغر عباس شيخ خلاف داخل ڪريايل پٽيشن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس عمرسيال، لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿهارٽي جي چيئرمين اصغر عباس شيخ خلاف وقت تي جاچ مڪمل نه ڪرڻ تي نيب اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته، لاڙڪاڻي جي ترقياتي منصوبن لاءِ ڪروڙين رپين جي بجيٽ رکي رقم جاري ڪئي وئي، هاڻي ڪنهن کي سنڌ ۾ ترقي ڏسڻي آهي ته لاڙڪاڻي وڃي ڏسي. هن رمارڪس ڏپنا تا ڪروڙين  رپيا جاري ٿيڻ باوجود ڪو رستو ڪا گهٽي به ٺهيل ناهي، شهر تباهه لڳو پيو آهي. جسٽس عمر سيال جو چوڻ هو ته ماڻهو حڪمرانن کي گاريون ڏيندا آهن. جسٽس عمر سيال چيو ته بيوروڪريٽس به ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، لاڙڪاڻي جو ڪهڙو حشر ڪري ڇڏيو آهي.

جسٽس عمر سيال ريمارڪس ڏيندي چيو ته منصفاڻو احتساب نه ٿيو ته عوام جو نيب تان اعتماد کڄي ويندو، هاڻي ماڻهو به چون ٿا ته جڏهن ملڪ کي سڀ لُٽي رهيا آهن ته اسان پيسا ڇو نه کائون. جسٽس عمر سيال چيو ته خبر ناهي هڪ پل ۽ روڊ ڏيکاري ڪهڙي لاڙڪاڻي جي ترقي عوام کي ڏيکاري ويندي آهي، نيب واضح ڪيس جي جاچ به نه پيو ڪري سگهي. عدالت لاڙڪاڻي ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر اصغر عباس شيخ خلاف هڪ مهيني ۾ جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *