Sunday , June 15 2025
Breaking News

قاضي احمد ۾ 5 سالن جي نينگر سان بدفعلي، 2 بگھڙ صفت جوابدار گرفتار

قاضي احمد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) قاضي احمد شهر جي آفتاب ڪالوني ۾ معصوم ٻارڙي سان بگھڙ صفت جوابدارن جي نينگر سان بدفعلي، پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدارن شھر ۾ دڪان تان شئي وٺڻ لاءِ ويندڙ پنج ورهين جي معصوم ٻالڪ ايان علي لاکو کي زبردستي کڻي وڃي مبينا طور ساڻس جنسي ڏاڍائي ڪري کيس رتو رت حالت ۾ گهر ٻاھران زخمي حالت ۾ اڇلائي ڀڄي ويا.  پوليس تڪڙي ڪارروائي ڪري واقعي ۾ ملوث ٻن ڄڻن خلاف نينگر جي وارثن جي فرياد تي زنا جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي. پوليس ٻن وحشي جوابدارن سرتاج جتوئي ۽ دلو جتوئي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *