ڪراچي ( رپورٽر سنڌ سماءَ چار ) ڪراچي جي احتساب عدالت فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار 4 جوابدارن کي 10 جنوري تائين رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو آهي. احتساب عدالت فشر مين ڪو آپريٽو سوسائٽي ۾ 400 کان وڌيڪ ملازمن کي غير قانوني ڀرتي ڪرڻ ۽ 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران گرفتار ڪيل جوابدار گل منير، ابوبڪر، شوڪت بلوچ ۽ حاجي ولي خان کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. نيب عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن کي اڳوڻي چيئرمين سلطان قمر صديقي ۽ نثار مورائي خلاف الزامن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. احتساب عدالت گرفتار 4 جوابدارن کي 10 جنوري تائين رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيوآهي.
Check Also
پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان
وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …