Sunday , June 15 2025
Breaking News

عوام وڌيڪ مهانگائي لاءِ تياري ڪري، بجلي، گئس ۽ پيٽرول 18سيڪڙو مهانگو ٿيندو

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) مهانگائي سٽيل عوام مهانگائي ۾ وڌيڪ 18 سيڪڙو تائين مهانگائي لاءِ تياري ڪري، آءِ ايم ايف جي هدايتن تي وفاقي حڪومت پاران بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌائڻ، پيٽروليم شين تي18سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائڻ جا شرط قبول ڪري ورتا آهن، اسلام آباد ۾ آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان حڪومت جي نمائندن وچ ۾ ٽيڪنيڪل سطح تي ڳالهين جو دورو مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ حڪومت کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ادارن جي ريگيولرآڊٽ ڪرائڻ ،ايل اين جي پاور پلانٽس، پي آءِ اي ۽ اسٽيل ملز سميت ٻين ادارن جي نجڪاري ڪئي وڃي. حڪومت آءِ ايم ايف جي شرط تي عمل ڪندي. ٽيڪنڪي سطح جون ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ هاڻي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ قرض هاصل ڪرڻ واري معاملي تي پاليسي سطح تي ڳالهيون ٿينديون.

About Asghar Azad

Check Also

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *