Sunday , June 15 2025
Breaking News

سکر: ڪرپشن ڪيس، تعليم کاتي شڪارپور جي ڊائريڪٽر ۽ آڊيٽر 14 سال ٽيپ

NAB logo

 احتساب عدالت جي جج امير علي مهيسر جي عدالت سال 2005ع ۽ 2006ع ۾ شڪارپور جي استادن جي پي فنڊ ۾ ڪرپشن ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي شڪارپور جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ممتاز علي ڪلوڙ کي 14 سال ٽيپ ۽ 29 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. عدالت فيصلي ۾ سينيئر آڊيٽر منير سومري کي 7سال ٽيپ ۽ 5 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. عدالت فيصلو ٻڌائڻ بعد ضمانت تي آزاد ٿيل سينيئر آڊيٽر منير سومري کي هٿڪڙيون هڻائي سينٽرل جيل اماڻي ڇڏيو. جڏهن ته اڳوڻو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ممتاز علي ڪلوڙ پهريان ئي جيل ۾ قيد آهي، سال 2005 ۽ 2006 ۾ نيب شڪارپور ۾ استادن جي جي پي فنڊ ۾ ڪرپشن ڪرڻ جو اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ممتاز علي ڪلوڙ، سينيئر آڊيٽر منير سومري سوڌو 6 آفيسرن خلاف 56 لک ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪيو هو، ان ڪيس ۾ فاروق پنجابي روپوش آهي. جڏهن ته نيب سان 3 جوابدارن نور محمد اڄڻ، غلام سرور پٺاڻ ۽ شفيع محمد پٺاڻ پلي بارگينگ ڪئي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *