Saturday , June 7 2025
Breaking News

سنڌ پوليس هٿان شهيد عرفان لغاري جو زبردستي کنيل لاش گچيرو ٿاڻي تي ايمبولينس ۾ ڊي_ڪمپوز ٿيڻ لڳو

حيدرآباد سول اسپتال مان پوليس پاران زبردستي کنيل شهيد عرفان لغاري جو لاش مورو ويجهو گچيرو ٿاڻي وٽ ايمبولينس ۾ پيل، 18 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين سخت گرمي دوران ايمبولينس ۾ پيل هجڻ ڪري ڊي-ڪمپوز /ڳرڻ لڳو، وارثن پاران لاش وصول ڪرڻ لاءِ، سندن گرفتار ۽ کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪرڻ ، شهيد زاهد ۽ شهيد عرفان لغاري جي قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جا شرط رکي ڇڏيا. عرفان لغاري جو لاش زبردستي کڻڻ تي سموري سنڌ ۾ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا جاري.

مورو (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) حيدرآباد سول اسپتال ۾ پوليس پاران زبردستي کنيل شهيد عرفان لغاري جو لاش مورو ويجهو گچيرو ٿاڻي وٽ ايمبولينس ۾ پيل، 18 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين سخت گرمي دوران ايمبولينس ۾ پيل هجڻ ڪري ڊي-ڪمپوز /ڳرڻ لڳو، وارثن پاران لاش وصول ڪرڻ لاءِ، سندن گرفتار ۽ کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪرڻ ، شهيد زاهد ۽ شهيد عرفان لغاري جي قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جا شرط رکي ڇڏيا. عرفان لغاري جو لاش زبردستي کڻڻ تي سموري سنڌ ۾ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا جاري.

ڪجهه ڏينهن اڳ مورو ۾ سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاج دوران پوليس ۽ پوليس سان گڏ خانگي ماڻهن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل قومپرست ڪارڪن عرفان لغاري گذريل ڏين سول اسپتال حيدرآباد ۾ علاج دوران دم ڌڻي حوالي ڪيو هو. جنهن بعد پوسٽ مارٽم دوران حيدرآباد پوليس جي وڏي نفري ۽ سول ڪپڙن ۾ ڪجهه ماڻهن اسپتاال داخل ٿي زبردستي شهيد عرفان لغاري جو لاش کڻي بنا ٻڌائڻ جي رواني ٿي وئي، جنهن کان پوءِ گذريل رات دير سان سوشل ميڊيا جي گروپس تي اطلاع ملڻ لڳا ته شهيد عرفان لعاري جو لاش نواب شاهه اسپتال نيو پيو وڃي، ڪجهه اطلاع وري مڙهه کي مورو اسپتال پهچائڻ جا  اطلاع به گردش ڪري رهيا هئا.

جنهن بعد سوشل ميڊيا جي رابطن واري سائيٽ فيس بڪ ۽ واٽس ايپ گروپن ۾ وڊيوز ۽ فٽيجز سان پختا اطلاع اچڻ لڳا ته شهيد عرفان لغاري جو مڙهه سندس اباڻي ڳوٺ مورو ويجهو گچيرو ٿاڻي جي حد ۾ ڪچي ۾ بجراڻي لغاري پهچايو ويو آهي. تصديق ٿيل خبرن مطابق پوليس عرفان لغاري جي وارثن کي چيو ته لاش وصول ڪري سندن/پوليس جي نگراني ۾ دفنايو وڃي. ڳوٺاڻن ۽ اتي موجود پوليس ذريعن موجب شهد عرفان جي وارث عورتن لاش وصول ڪرڻ کان انڪار ڪندي ڇيو ته، سندن ڳوٺ کي پوليس جو ڪڙو چڙهيل آهي، سمورا مرد گرفتار يا کنڀي گم ڪيا ويا آهن، اهڙي ماحول ۾ هُولاش وصول نه ڪنديون، لاش وصول ڪري ڇا ڪنديون.

وارث عورتن پاران شهيد عرفان لغاري جو لاش وصول ڪرڻ کان انڪار کانپوءِ سنڌ حڪومت، وڏي وزير، گهرو وزير سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. گذريل رات کان هن وقت تائين ( هي خبر اپلوڊ ٿيڻ يعني ڇنڇر 24جولاءِ2025لڳ ڀڳ شام ٽَي لڳي 50منٽن) تائين شهيد عرفان لغاري جو لاش گچيرو ٿاڻي تي لاش ريسڪيو1122جي ايمبولينس ۾ پيل آهي. ان سلسلي ۾ پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته سخت گرمي ۽ ايمبولينس ۾ گهربل سهولتون نه هجڻ ڪري لاش ڊي-ڪمپوز / خراب/ ڳرڻ شروع ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن وڌيڪ ڪجهه ڪلاڪ ساڳئي حالت ۾ لاش پيل رهيو ته اهو مڪمل طور خراب ٿي ويندو، انڪري جلد کان جلد لاش کي دفنائڻ جي ضرورت آهي، ان لاءِ سنڌ حڪومت کي وارثن جا مطالبا مڃڻ گهرجن يا ڪو به ٻيو حل ڪڍيو وڃي.

ٻئي طرف شهيد عرفان لغاري جو لاش پوليس هٿان زبردستي کڻي وڃڻ خلاف سنڌ جي سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن طرفان مورو، حيدرآباد، ڄامشورو، لاڙڪاڻو، فيض گنج سميت سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا پيا وڃن، ڪيترن ئي هنڌن تي ڌرڻ به هنيا ويا آهن، جنهن سبب پنجاب سميت سنڌ جي مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جي رواني سخت متاثرٿي آهي ۽ هزارين گاڏيون ڦاٿل هجڻ جا اطلاٿ به آهن.

About admin

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *