Friday , April 25 2025

سنڌ حڪومت جو ترجمان به ڪرونا ۾ مبتلا

مرتضيٰ وهاب سان ملاقات ڪندڙ صوبائي ڪابينا جا ميمبر، ڪامورا، صحافي ۽ سندس دوست پريشان

ڪراچي(رپورٽ آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت جو ترجمان به ڪرونا ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، وائرس جي تصديق کانپوءِ هن پاڻ کي  گهر اندر ئي آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي، مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان سندس  طبعيت خراب هئي، هن رونا ٽيسٽ ڪرائي جيڪا پازيٽو آئي آهي. مرتضيٰ وهاب جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد پاڻ کي گهر اندر آئسوليٽ ڪري ڇڏيو. سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ سنڌ ڪابينا جا ڪجهه وزير، صلاحڪار، ڪامورا پريشان ٿي ويا آهن جيڪي گذريل ڪجهه ڏينهن دوران مرتضيٰ وهاب سان ملاقات ڪندا رهيا آهن. سنڌ حڪومت جي ترجمان سان ملاقات ڪندڙ صحافين ۾ به پريشاني جي لهر ڇائنجي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *