Saturday , June 14 2025
Breaking News

سنڌ حڪومت، اسماعيل ڏاهري کي امڙ جي لاڏاڻي تي پي-رول تي آزاد نه ڪيو

نواب شاهه / لاڙڪاڻو ( خاص نمائندا  سنڌسماءَچار) مختلف مبينا ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهريءَ جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي، سنڌ حڪومت کيس پي- رول تي آزاد ڪرڻ نه ڏنو، اسماعيل ڏاهري ماءُ جي جنازي نماز ۾ به شرڪت نه ڪري سگهيو. گذريل ڪيترن ئي مهينن کان مختلف مبينا ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار اڳوڻي صوبائي صلاحڪار، صدر آصف زرداري جي ويجهو ساٿي رهندڙ اسماعيل ڏاهري جي امڙ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻي ڪري وئي آهي. اسماعيل ڏاهري جي امڙ جي لاڏاڻي واري اطلاع تي سندس وڪيل لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ کيس ماءُ جي جنازي نماز ۽ آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ پي – رول تي آزاد ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي. سندس وڪيل جي وڊيو بيان موجب، اسماعيل ڏاهري کي پي – پي رول تي آزاد ڪرڻ واري درخواست جي سرڪاري سخت مخالفت ڪئي، جنهن تي عدالت اسماعيل ڏاهري کي پي – رول تي آزاد ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

”پيپلزپارٽي ڪا جنازا هئ، ذرا ڌوم سي نڪلي“: سينيئر وڪيل ڪامريڊ شبير شر

پيپلزپارٽي وزيراعظم کان ڪئنال رد ڪرڻ جو مطالبو ئي نه ڪيو

About admin

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *