Friday , April 25 2025

سنڌ جي صحت کاتي جو علاج ڪير ڪندو، حيدر آباد ۾ عورت رڪشا ۾ ٻار کي جنم ڏنو

حيدر آباد ( سنڌسماءَچار نيوز) حيدر آباد جي حالي روڊ تي قائم بنيادي صحت مرڪز ۾ ليڊي ڊاڪٽر ڊيوٽي تي موجود نه هجڻ سبب ويل لاءِ آيل عورت کي داخل ڪرڻ کان جواب ڏنو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت ٻار کي رڪشا ۾ جنم ڏنو آهي. بدين واسڻ ڳورهاري عورت شمع کي ويم لاءِ سندس وارث حالي روڊ تي قائم سرڪاري اسپتال پهتا ۽ کيس داخل ڪرائڻ چاهيو ته عملي کين جواب ڏئي ڇڏيو. جنهنجي نتيجي ۾ عورت تڙپندي رڪشا ۾ ٻار کي جنم ڏنو.

حالي روڊ تي قائم سرڪاري صحت مرڪز ۾ بدين واسڻ عورت شمع کي ويم لاءِ آندو ويو، جتي کين داخلا  نه ملڻ ۽ ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي عورت کي داخل نه ڪيو ويو، جنهنڪري متاثر عورت تڙپندي رڪشا ۾ ٻار کي جنم ڏئي ڇڏيو. وارثن جو چوڻ آهي ته هُو جيئن ئي اسپتال پهتا ته عملي کين انتظار ڪرڻ جو چئي نيٺ جواب ڏنو ته ڊاڪٽرياڻي موجود ناهي انڪري اوهان ڪنهن ٻي اسپتال وڃو. هنن چيو ته ايستائين ڪافي دير ٿي چڪي هئي ۽ نيٺ هُو رڪشا ڪرائي شمع کي ٻي اسپتال منتقل ڪري رهيا هئا ته هُن رڪشا ۾ ئي ٻار کي جنم ڏنو. هنن مطالبو ڪيو ته اسپتال جي ايم ايس، ڊاڪٽرياڻي ۽ ٻين ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *