Friday , April 25 2025

سنڌ جي زمينن تي والار۽ ڪئنال سمورا نامنظور، جسقم جي سڏ تي سموري سنڌ مڪمل طور بند

سنڌ جي زمينن تي والار۽ ڪئنال سمورا نامنظور، جسقم جي سڏ تي سموري سنڌ ۾ هڙتال، ڪيترائي ڪارڪن گرفتار، دوڙ ۾ جسقم ڪارڪن گرفتار، ٿاڻي جو گهيرو ڪري ڌرڻو

ڪراچي ( نمائندن/ خاص نمائندن وٽان سنڌسماءَچار) سنڌ درياء مان نوان ڪئنال ڪڍڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي والار خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ جي هڙتال واري سڏ تي سموري سنڌ بند، سمورو ڪاروبار، ٽرانسپورٽ سميت زندگي جو ڪاروهنوار مڪمل طور بند، سکر، حيدرآباد، ميرپور خاص، شهيد بينظير آباد ۽ لاڙڪاڻُ ڊويزن جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ هڙتال سان گڏ ڪ.نالن ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف احتجاجي مظاهرا به ڪيا ويا.

جسقم جي سڏ تي ڪراچي ۾ ماڙيپور، ڀٽائي آباد، سچ ڳوٺ، انڊس ٽائون، مهراڻ وليج، ابراهيم حيدري ۾ ڪاروبار بند رکيو ويو. صفوران ڳوٺ، گلشن حدي، پپري وليج، اسٽيئون اسٽاپ، سنڌي ڳوٺ، گهگهر ڦاٽڪ، لنڪ روڊ ۾ ب ه هڙتال ڪري سمورو ڪاروبار بند رکيو ويو، جسقم جي سڏ تي ڀينس ڪالوني، سنڌي جماعت سوسائٽي، عبدالله ڳوٺ، شاهه لطيف ٽائون ۽ ميمڻ ڳوٺ ۾ به شٽربند رهيو.

جسقم جي اعلانيل هڙتال جي سلسلي ۾ سکر، لکي غلام شاهه، چڪ، پنوعاقل، گهوٽڪي، ميرپور  ماٿيلو، سرحد، اوٻاوڙو، مومل جي  ماڙي سميت سمورا ننڍا وڏا شهر بند ۽ مقامي سطح تي هلندڙ ٽرانسپورٽ به بند رهيو. خيرپور، فيض گنبج، ڪنب، ڪوٽڏيجي، پير جو ڳوٺ، وڏا ماڇيون، ٽنڊو مستي، ٻٻرلوءِ شهر، راڻيپور، گمبٽ، درازا شريف، سوئي گئس، اڪري، پڪاچانگ، ڪوٽ لالو، جلالجي، شڪارپور، جيڪب آباد جا ننڍ وڏا شهر به بند رهيا، ماڻهن ڪاروبار بند رکي ڪئنالن وارو منصوبوڳ مڪمل رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ڪنڌڪوٽ، قمبر، شهداد ڪوٽ ۾ به هڙتال رهي، لاڙڪاڻو، رتو ديرو، نئون ديرو، وڳڻ، باڊهه، موهن جو دڙو، ڳيريلو، خيرپور جوسو اسٽاپ به بند رهيا.

دادو، ڪي اين شاهه، ميهڙ، جوهي به بند رهيا، نوشهرو فيروز،سيٺارجا، ڀريا سٽي، ٺاروشاهه، ڀريا روڊ، پڊعيدن، دوڙ، ٻانڌي سميت ڀرپاسي وارن شهرين ۾ ڪاروبار مڪمل طور بند رکيو ويو. جسقم جي سڏ تي نواب شاهه، سڪرنڊ، قاضي احمد، سانگهڙ، سنڌڙي، شاهپور چاڪر بن ٽو، گهارو، مڪملي، چوهڙ جمالي سميت ٽنهي ضلعن جا سمورا ننڍا وڏا شهر مڪمل طور بند رهيا. ٽنڊوالهيار، چمبڙ، سلطان آباد،، ٽنڊو محمد خان، بلڙي شاهه ڪريم، ٽنڊو غلام علي، ڪوٽ غلام محمد، مٺي، عمر ڪوٽ به  ڪئئنالن خلاف جسقم جي سڏ تي هڙتال رهي.

جسقم جي سڏ تي سموري سنڌ ۾ ڪئنالن ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف هڙتال ڪري جسقم سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرا به ڪيا ويا.

About admin

Check Also

ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمينن الاٽمينٽ رد ڪيو: زين شاهه

 هن چيو ته اسان پنهنجا ڳوٺ، شهر۽ زرخيز زمينون ويران ۽ بنجر ٿيندي ڏسڻ نه …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *