Friday , April 25 2025

سنڌوءَ تي ڌاڙو، زمينن تي والار نامنظور، ٻٻرلوءِ وٽ وڪيلن جو ڌرڻو جاري

ٻٻرلوءِ / خيرپور( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) “سنڌو درياءَ تي ڌاڙو نامنظور، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي تي والار نامنظور”، ڪراچي بار ايسوسيئشن جو ٻٻرلوءِ باءَ پاس وٽ ڌرڻو جاري، وڪيل اڳواڻ عامر وڙائچ، سرفراز ميتلو، عاقب راڄپر، عبدالرحمان ڪورائي، ايس يو پي سربراهه سيد زين شاهه، جسقم بشير خان قريشي جو ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، شاذ خادم شر، جسم جو رياض چانڊيو، جي يو آءِ جو راشد محمود سومرو، عوامي تحريڪ جو وسند ٿري سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ ۽ سينيئر قيادت ۽ هزارين ماڻهون شريڪ، پنجاب طرف ايندڙ ويندڙٽريفڪ مڪمل طور معطل، هزارن جي تعداد ۾ مال بردار ٽرالرز، آئل ٽئنڪرز، مسافر ۽ ٻيون گاڏين جون قطارون لڳل.

ڪراچي بار ايسوسيئيشن سميت وڪيلن جي مختلف بارز پاران سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌ جي زمينن تي والار خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي سخت گرمي باوجود ڌرڻو جاري، گذريل رات دير کان شروع ٿي ويل ڌرڻي جي نتيجي ۾ پنجاب طرف ايندڙ ويندڙ سموري ٽريفڪ معطل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ قومي شاهراهه جي ٻنهي پاسن کان هزارن جي تعداد ۾ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي  ويون آهن. ڌرڻي ۾ هرطرف ”ڪئنال سمورا نامنظور، سنڌو تي ڌاڙو نامنظور، ڪ.نال ٺاهيندي پادر کائيندي، ڪئنالن جا حامي سڀ حرامي جي نعرن جي گونجار آهي.

ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن کي ماني سميت کائڻ پيئڻ ۽ ٻين سهولتن لاءِ علائقي واسين، مختلف تنظيمن ۽ سرنديءَ وارن طرفان پاڻمرادو انتظام ڪري ڇڏيا آهن. ڌرڻي  واري هنڌ تي کاڌي پيتي جو انتظام ڪرڻ کانسواءِ ڳوٺن ۽ شهرن مان به ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت به تيار کاڌو ۽ ٻيو سامان پهچايو پيو وڃي.

About admin

Check Also

ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمينن الاٽمينٽ رد ڪيو: زين شاهه

 هن چيو ته اسان پنهنجا ڳوٺ، شهر۽ زرخيز زمينون ويران ۽ بنجر ٿيندي ڏسڻ نه …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *