اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) مستونگ ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ پي بي 35 جي اميدوار نوابزاده سراج رئيساڻي جي شهادت کانپوءِ چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا خان چيو آهي ته سراج سنجراڻي جي شهادت بعد پي بي 35 تي چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن. اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ هو ته، پي بي 35 تي چونڊن جي تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو، جڏهن ته سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چونڊون ملتوي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
Check Also
صدر آصف زرداري ڪرونا ۾ مبتلا
ڪراچي (چيف رپورٽر. سنڌسماءَچار) صدر آصف علي زرداري ڪرونا ۾ مبتلا ، هڪ هفتي لاء …