Sunday , June 15 2025
Breaking News

خيرپور: اسڪارپ آبپاشي کاتي جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ۽ علامتي بک هڙتال

خيرپور: اسڪارپ آبپاشي کاتي جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ۽ علامتي بک هڙتال

خيرپور ۾ اسڪارپ کاتي جي ملازمن فوتي ڪوٽا، ڪالوني جي مرمت ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ملازمن ارشاد احمد سيال، لياقت خاصخيلي، شهباز ڦلپوٽو، نذر محمد ڀٽو، اصغر مڪول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ چيف انجنيئر اسڪارپ ۽ پي ڊي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. مظاهرين جو چوڻ هو ته اسڪارپ کاتي ۾ چيف انجنيئر جي مقرري بعد اسپيشل فنڊن جا اربين رپيا هڙپ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ملازمن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته سڀني صوبائي کاتن ۾ فوتي ڪوٽا تحت ملازمن جي اولاد کي نوڪريون ڏنيون پيون وڃن، پر اسڪارپ کاتي جا ملازم سن ڪوٽا کان محروم آهن. هنن مطالبو ڪيو ته سن ڪوٽا تي عمل ڪري ٻيا مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *