خانپور مهر( رپورٽر سنڌسماءَچار) ايف آءِ اي سکر جي ٽيم سيپڪو آفيس خانڳڙهه تي ڇاپو هڻي ايس ڊي او کي رشوت وٺڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو، ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته مبارڪپور واسي ڳوٺاڻي جي شڪايت تي ڪارروائي ڪئي وئي. ايف آءِ اي سکر جي ٽيم سيڪنڊ سول جج گھوٽڪي جي موجودگي ۾ سيپڪو آفيس خانڳڙهه تي ڇاپو هڻي ايس ڊي او سيپڪو عظيم عباسي کي رشوت وٺندي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته مبارڪپور واسي ڳوٺاڻي شريف مهتم شڪايت ڪئي هئي ته ايس ڊي او ميٽر هڻي ڏيڻ عيوض 15 هزار رپيا رشوت گهري رهيو آهي، جنهن تي ڪارروائي ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.
Check Also
ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمينن الاٽمينٽ رد ڪيو: زين شاهه
هن چيو ته اسان پنهنجا ڳوٺ، شهر۽ زرخيز زمينون ويران ۽ بنجر ٿيندي ڏسڻ نه …