Friday , April 25 2025

حليم جا پئسا ٿو گهرين! چونڊڪو شهر بااثر وڏيري جي پٽ جو پورهيت تي تشدد

نارو ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) چونڊڪو شهر ۾ حليم ۽ ڇولا وڪڻي ٻچڙن جو پيٽ پاليندڙ پورهيت تي تر جي بااثر وڏيري حليم جا پئسا گهرڻ تي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، واقعي خلاف شهر جي پورهيتن بااثر وڏيري  ۽ سندس پٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. چونڊڪو ۾ حليم وڪرو ڪندڙ پورهيتن بااثر جي پٽ پاران تشدد جو نشانو بڻائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. حليم وڪرو ڪندڙ پورھيت عرفان شيخ ۽ فرمان شيخ بااثر جي پٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙ پورهيتن چيو ته بااثر وڏيري خادم آرادين جي پٽ ارشاد آرادين حليم جي پليٽ جا پئسا گھرڻ تان ڱين سخت تشدد جو نشانو بڻايو. هنن مطالبو ڪيو ته بااثر جي پٽ خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *