Sunday , June 15 2025
Breaking News

جرمن ڄائي پاڪستان جي مدرٽريسا جو لاڏاڻو

Dr pfu

50 سالن کان پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مريضن جو علاج ڪندڙ جرمن ڊاڪٽر رٿ فائو 88 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، صدر ممنون حسين، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين سندس لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي مڪمل سرڪاري اعزازي سان ادا ڪيون ويون.

جرمني ڄائي ڊاڪٽر رٿ فائو 9 سيپٽمبر 1929ع  ۾ جرمن جي شهر ليپزگ ۾ پيدا ٿي هئي ۽ 1960 ۾ پاڪستان اچي ڪوڙهه جي بمياري تي ضابطو آڻڻ لاءِ  خدمتون سرانجام ڏنيون، سندس ڪوششن سبب 1996 ۾ ڊبليو ايڇ او پاڪستان کي ڪوڙهه جي خاتمي واري ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪيو هو.

ڊاڪٽر رٿ فائو ڪيترائي عرصي کان بيمار هئي ۽ اڄ ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، سندس آخري رسمون 19 آگسٽ تي سينٽ پيٽرڪس چرچ صدر ڪراچي ۾ ادا ڪيون وينديون.

ڊاڪٽر رٿ فائو گذريل 56 سالن کان انسانيت جي خدمت لاءِ ڪوششن ۾ مصروف هئي ۽ هوءَ ڪراچي ۾ ميري ايڊي ليپروسي سينٽر ۾ ٻن ڪمرن جي هڪ گهر ۾ رهندي هئي.

ڊاڪٽر رٿ فائو جي خدمتن سبب پاڪستاني حڪومت کيس 1988ع ۾ پاڪستان جي مستقل شهريت سان نوازيو ۽ کيس ستاره قائداعظم، هلال امتياز، هلال پاڪستان، جناح ايوارڊ ۽ نشان قائداعظم سان نوازيو ويو.

ڊاڪٽر رٿ فائو جي لاڏاڻي تي  صدر ممنون حسين، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين  سياسي سماجي اڳواڻن ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي هدايتن تي ڊاڪٽر رٿ فائو جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *