Sunday , June 15 2025
Breaking News

تعليمي ايمرجنسي باوجود 26 سئو استاد گوسڙو نڪتا، اشتهاري قرار

ڪراچي ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو هجڻ ۽ 5 سالن کان وڌيڪ جي عرصي دوران گوسڙو استادن خلاف هلندڙ ڪاررواين ۽ بايو ميٽرڪ نظام لاڳو ڪرڻ باوجود 26 سئو استاد گوسڙو هجڻ جو اعتراف تعليم کاتي پاڻ ڪيو آهي. سنڌ جي تعليم کاتي، صوبي جي 26 سئو استادن کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي، تعليم کاتي گوسڙو استادن ۽ ملازمن بابت فهرستون جاري ڪيون ويون آهن. صوبائي تعليم کاتي اشتهار ۾ 26 سئو استادن ۽ ٻين ملازمن کي گوسڙو قرار ڏنو ويو آهي. اشتهار ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ گوسڙو استاد ۽ ملازم 7 ڏينهن ۾ حاضر ٿي  پنهنجي موجودگي جو يقين ڏيارين. اشتهار ۾ ملازمن جي نالي سان گڏ شناختي ڪارڊ نمبر به ڄاڻايا ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *