ڪوئيٽا ( مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) بلوچستان جي تربت واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٽنڊو آدم ۽ ٽنڊوالهيار واسي 2 ڄڻا مارجي ويا، هڪ زخمي، مارجي ويلن جا مڙهه ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،لاش وصول ڪرڻ لاءِ وارث تربت روانا. سومر ڏينهن تربت جي اسٽار پلس مارڪيٽ جي پويان رهائشي علائقي جي هڪ گهر ۾ هٿياربندن داخل ٿي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويلن ٻن ڄڻن ۾ ٽنڊوالهيار واسي لال ۽ ٽنڊوآدم واسي هري لال مارجي ويا، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٽنڊو آدم واسي شيرو زخمي ٿي پيو. مارجي ويل لال ۽ هري لال جا لاش ۽ زخمي شيرو مل کي ٽيچنگ اسپتال تربت منتقل ڪيو ويو. اسپتال ۾ مارجي ويل ٻنهي ڄڻن جي لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي کي داخل ڪري سندس علاج ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف اطلاع آهن ته مارجي ويلن جا وارث شام دير سان مڙهه کڻائڻ لاءِ تربت توانا ٿي ويا هئا، زخمي جا وارث به تربت روانا ٿي ويا آهن.
Check Also
پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان
وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …