Saturday , June 14 2025
Breaking News

تحريڪ انصاف جو انصاف! اي سي ايل ۾ نالو شامل هجڻ باوجود اهم اڳواڻ پرڏيهه هليو ويو

ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) قانون جي عملداري جون دعوائون ڪندڙ تحريڪ انصاف، ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ نالو شامل هجڻ باوجود سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ لياقت جتوئي کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب کي مختلف ڪيسن ۾ گهربل ۽ اي سي ايل ۾ نالو هجڻ باوجود پرڏيهه هليو ويو آهي. لياقت جتوئي تي ڪرپشن ۽ اختيارن جي غلط استعمال جي الزامن بعد سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. ذريعن موجب نيب جي سفارش کانپوءِ لياقت جتوئي جو نالو ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو. ذريعن موجب لياقت جتوئي هڪ ڏينهن اڳ ون ٽائم پرميشن لاءِ گهرو وزارت کي درخواست ڏني هئي. جيڪا ان ئي ڏينهن منظور ڪئي وئي ۽ لياقت جتوئي ان ئي ڏينهن ملڪ کان ٻاهر هليو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته لياقت جتوئي طرفان عمري جي ادائيگي کانپوءِ ڏيهه ورڻ جي خاطري تي گهرو وزارت سندس درخواست منظور ڪئي. تحريڪ انصاف اڳواڻ 4 فيبروري تائين ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت گهري آهي. ذريعن موجب گهرو وزارت ان ڏس ۾ نيب کي اعتماد ۾ ناهي ورتو. هوڏانهن نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته لياقت جتوئي کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ناهي ڏني.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *