اسلام آباد (رپورٽر سنڌسماءَچار ) وفاقي حڪومت سول سروسز جَي گريڊ21 مان 22 جي ترقين واري هاءِ پاورڊ سليڪشن بورڊ ۾ ٻن سياستدانن کي مقرر ڪري ڇڏيو. وفاقي حڪومت جي اسٽبلشمينٽ ڊويزن جي نوٽيفڪيشن موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ن ليگ اڳواڻ دفاع واري وزير خواجا آصف کي هاءِ پاورڊ سليڪشن بورڊ ۾ ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. هاءِ پاورڊ سليڪشن بورڊ 21هين گريڊ جي سينيئر ڪامورن کي 22هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ وارن معاملن کي ڏسندو آهي. هاڻي بلاول ڀٽو زرداري ۽ خواجا آصف هاءِ پاورڊ سليڪشن بورڊ جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪري سگهندا ۽ سينيئر ڪامورن کي 21 مان 22هين گريڊ ۾ ترقين ڏيڻ جا معاملا به ڏسندا.
Check Also
ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو
ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو، …