Sunday , June 15 2025
Breaking News

بخشاپور ڀرسان حادثو، هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي نوجوان فوت

بخشاپور ڀرسان ڪراچي کان مردان ويندڙ ڪوچ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، شڪارپور واسي ٽي نوجوان فوت، ڊرائيور گرفتار

شڪارپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) بخشاپور ڀرسان انڊس هاءِ وي تي تيزرفتار ڪوچ جي ٽڪر ۾ شڪارپور واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ٿڏي تي فوت ٿي ويا، علائقي واسين واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيا جتان وارثن حوالي ڪيا ويا، انڊس هاءِ وي تي بخشاپور ڀرسان ڪراچي کان مردان ويندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ شڪارپور ويندڙ موٽر سائيڪل سوارن کي ٽڪر هنيون، جنهن جي نتيجي ۾ شڪارپور شهر جي حق باهو پاڙي جا رهواسي 37 ورهين عاشق علي سومرو سندس ڀاءُ 34 ورهين جو هاشم علي ۽ ڀائيٽو 20 ورهين جو مجاهد سومرو فوت ٿي ويا، ڳوٺاڻن موجب هاشم ۽ مجاهد ڪجهه دير زندهه هئا جيڪي بعد ۾ اسپتال نيئندي فوت ٿي ويا. حادثي بعد ڳوٺاڻا وڏي انگ ۾ واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جن ڪوچ مالڪ حيات الله پٺاڻ کي سوگهو ڪري ورتو، ان دوران فوتي جو لاش ۽ زخمي ڪافي دير تائين انڊس هاءِ تي پيل رهيا، بعد ۾ بخشاپور پوليس پهچي فوتين جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا. فوتين جا لاش ڪنڌڪوٽ کان ايمبولنس ذريعي بخشاپور جي سرڪاري اسپتال آندا ويا، جتان ضروري ڪارروائي وارث کڻائي ويا. آخري اطلائن تائين حادثي جو ڪيس داخل ڪون ٿي سگهيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *