لاڙڪاڻو(رپورٽر سنڌسماءَچار) باڊهه ويجهو پٿر دل پٽ 500 رپيا خرچي نه ڏيڻ تي ٻڍڙي ماءُ ۽ اکين جي نور کان محروم وڏي ڀاءُ کي سروٽا هڻي رتورت ڪري فرار ٿي ويو، زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين ملم پٽي ڪرڻ بعد واپس گهر روانو ڪيو ويو. ڳوٺ دڙو ۾ بي رحم پٽ الاهي بخش خرچي نه ڏيڻ تي ٻڍڙي ماءُ ۽ نابين ڀاءُ مولابخش ڪوري کي سروٽا هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. پيرسن عورت جو چوڻ آهي ته پئسا نه ڏيڻ تي نافرمان پٽ تشدد جو نشانيو بڻايو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ابتدائي رپورٽ داخل ڪئي آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
Check Also
لاڙڪاڻي جو بلڊر ۽ بااثر شخص ڳهڻو خان جتوئي ڊرائيور سميت اغوا
خيرپور / لاڙڪاڻو ( خاص نمائندا سنڌ سماچار) خيرپور-لاڙڪاڻو روڊ تان مشهور بلڊر ۽ انتهائي …