Friday , April 25 2025

باقراڻي ۾ پوليس جي ڪارروائي، 9 ڄڻا گرفتار

baqrani0

باقراڻي پوليس ڳوٺ عرض محمد بروهي ۾ ڪارروائي ڪري غيرقانوني طور ترسيل 9 ڄڻن ي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل سمورن ماڻهن جو واسطو رائيوينڊ گروپ سان آهي، جن کي پڇاڳاڇا لاءِ  باقراڻي ٿاڻي تي رکيو ويو آهي. گرفتار ڪيلن ۾ جن ۾ يوسف خان ، طاوش خان ، نسيم خان ، وقار ، عبدالرزاق ، اشرف ، محمد فرحاد ، محمد ارشد ۽ مسافر خان شامل آهن ، رابطي ڪرڻ تي باقراڻي پوليس ٻڌايو ته هڪ اطلاع تي ڳوٺ عرض محمد بروهي جي مسجد مان تبليغ جماعت جي 9 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا لاءِ ٿاڻي تي آندو آهي حراست ۾ ورتل 9 ئي ڄڻن جو تعلق پنجاب جي اٽڪ ضلعي جي حضرو تعلقي سان آهي جيڪي رائيوينڊ مان 14 فيبروري کان باقراڻي تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ ترسيل هئا، پوليس انهن ماڻهن بابت به جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جن وٽ گرفتار ڪيل ماڻهو ترسيا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمينن الاٽمينٽ رد ڪيو: زين شاهه

 هن چيو ته اسان پنهنجا ڳوٺ، شهر۽ زرخيز زمينون ويران ۽ بنجر ٿيندي ڏسڻ نه …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *