Saturday , June 7 2025
Breaking News

بااثر سياسي شخصيت ۽ سيڪيٽري صحت، سول اسپتال حيدرآباد جي اڳوڻي اَي ايم ايس(AMS)آفتاب ڦل کي بچائڻ لاءِ سرگرم

حيدرآباد / ڪراچي (خاص نمائندو / اسٽاف رپورٽر سنڌسماءَچار) صحت کاتي جو سيڪريٽري، مالي ۽ انتظامي بيضابطگين جي  الزام هيٺ آيل سول اسپتال حيدرآباد جي اڳوڻي اي ايم ايس AMS ڊاڪٽر آفتاب ڦل جي مالي بيضابطگين کي بچائڻ ۾ ڪامياب، کيس بدلي ڪري اسپتال جي فنڊن بابت جاچ رپورٽ لڪائي ڇڏي. سول اسپتال حيدرآباد جي بااثر اڳوڻي اي ايم ايس ڊاڪٽر آفتاب ڦل جي مالي ۽ انتظامي بيضابطگين جي شڪايتن جي  جاچ لاءِ جوڙيل جاچ ڪميٽي جي رپورٽ سرد خاني حوالي ڪئي وئي آهي. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق سيڪريٽري صحت، لمس انتظاميا ۽ صحت کاتي جي اهم بااثر عملدارن جي ملي ڀڳت سان رپورٽ کي سرد خاني حوالي ڪري ڊاڪٽر آفتاب ڦل کي اسڪرين تان هٽائڻ لاءِ بدلي ڪيو ويو آهي،جيڪو بدلي ٿيڻ باوجود بيڪ ڊيٽ ۾ به اسپتال لاءِ دوائن جي خريداري سميت مختلف مدن ۾ مبينا طور فنڊز جاري ڪرائي رهيو آهي. مليل ڄاڻ مطابق حيدرآباد  سول اسپتال حيدرآباد کي 600 ڪروڙ رپين جي سالياني بجيٽ رکندڙ سول اسپتال حيدرآباد مريضن کي سرڪاري دوائون ڏيڻ بدران بازار مان خريد ڪرڻ لاءِ پرچيو  لکي  ڏنيون وڃن ٿيون ۽ ساڳيون دوائون انهن ئي مريضن جي نالي تي اسپتال جي اسٽور مان غائب ڪري وڪرو ٿينديون رهيون آهن. سول اسپتال حيدرآباد جي ذريعن کان مليل معلومات مطابق، اسپتال لاءِ انتظاميا اڳ مليل بجيٽ جي باوجود نان پرفارمنگ ۾ آڻي وڌيڪ 150 ڪروڙ رپيا اضافي / خصوصي بجيٽ جاري ڪرڻ جي به درخواست ڪئي وئي هئي، جنهن بعد اسپتال جو رڪارڊ جاچڻ لاءِ صحت کاتي پاران مقرر جاچ ڪميٽي جي انڪوائري رپورٽ جاري ناهي ڪئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته جڏهن ڪميٽي انڪوائريءَ لاءِ آئي هئي ته ڊاڪٽر آفتاب ڦل پنهنجي ذاتي خانگي هٿياربندن جا بيان قلمبند ڪرڻ نه ڏنا ۽ ڪميٽيءَ کي سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون.

سول اسپتال حيدرآباد جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ ڪميٽي جي اڌوري جاچ دوران فنڊز جي خرچن جا مڪمل تفصيل مهيا نه ڪيا ويا، ڊاڪٽر آفتاب چالاڪيءَ سان بل پاس ڪرائي مالي بيضابطگين ۾ ملوث رهيو آهي، اسپتال جي عملي کي ذاتي هٿياربند گارڊن کان به ڌمڪيون ڏياريندو رهندو آهي، جونيئر ڊاڪٽر آفتاب جي دور ۾، 6 ارب رپيا سالياني بجٽ ملڻ جي باوجود سول اسپتال حيدرآباد کي قرضي ڏيکاريو ويو هو ۽ صحت کاتي کي قرض ادا ڪرڻ لاءِ پھرين  2022-23 ۾ اضافي ڏيڍ ارب رپيا جاري ڪرڻ جي گھر ڪئي وئي هئي. جيڪو معاملو صحت کاتي جي هڪ عملدار جي اعتراضن سبب پينڊنگ رکيو ويو ھو، هلندڙ مالي سال دوران ٻيهر ڏيڍ ارب رپيا ڏيڻ لاءِ ٻيهر صحت کاتي کي لکيو ويو، جنهن تي صحت کاتي معاملي جي  جاچ جو فيصلو ڪيو. جنهن بعد 9 سيپٽمبر 2024 تي هڪ جاچ ٽيم مقرر ڪئي وئي جنهن جو چيئرمين ايڊيشنل سيڪريٽري پي ايم ون ان سان گڏ ٻه ميمبر ڊاڪٽر نذير احمد رند ڊائريڪٽر پي ايڇ ڊي سي ڄامشورو ۽ ڊائريڪٽر هيلٿ سروس ڪراچي شامل هئا. ڪميٽي کي هدايت ڪئي وئي ته اسپتال جو تمام رڪارڊ چيڪ ڪري ٻڌايو وڃي ته، بجيٽ جي سمورن خرچن جي ۽ بلن جي جاچ ڪئي وڃي، اها بجيٽ ڪيئن ختم ٿي ۽ اسپتال ڪنهن جي ۽ ڪيتري قرضي آهي. ذريعن موجب انڪوائري ٽيم کي معاملات جي ڇنڊ ڇان لاءِ وديڪ 2 ميمبرن کي شامل ڪرڻ جو ھڪ ليٽر موڪليو ته ان بعد سول اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ جونئير داڪٽر آفتاب ڦل جو نالو به ميمبرطور آندو ويو حيرت جي ڳالھه اھا آھي ته اسپتال ۽ ڊي جي ھيلٿ آفيس م موجود سينئيرن ڊاڪٽرن  جي موجودگي جي باوجود  ٽيم ۾ جونيئر ڊاڪٽر آفتاب جو نالو ڇو آندو ويو جيڪا گالھ ان معاملي کي وڌيڪ شڪي بڻائي ڇڏي ٿي.

ذريعن موجب  مڪمل انڪوائري ٽيم جو اجلاس پڻ 14 جنوري 2025 تي ڪراچي ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف نرسنگ ۾ سڏايو ويو ان کانپوءِ معاملي کي دٻايو ويو آهي، صحت کاتي جي ذريعن موجب بااثر ڪامورن ۽ سياسي مداخلت تي ڊاڪٽر آفتاب ڦل ۽ سندس ساٿين کي بچائڻ جون ڪوششون اڃا به جاري آهن.

سول ہسپتال حیدرآباد جونیئر ڈاکٹر آفتاب پُھل کا راج

About admin

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *