Friday , April 25 2025

اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه به حفاظتي ضمانت تي

ڪراچي(رپورٽ:اصغر آزاد سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وڏي وزير ۽ پ پ پ جي سينئر اڳواڻ سيد قائم علي شاهه جي حفاظتي ضمانت منظور ڪندي کيس هدايت ڪئي آهي ته نئب سان جاچ ۾ سهڪار ڪري لاڳاپيل عدالت سان رابطو ڪري.اڳوڻي وڏي وزير سيد علي شاهه جي گرفتاري کان اڳ حفاظت واري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. قائم علي شاهه درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته، نئب سندس نالو جاچ ۾ شامل ڪيو آهي، انڪري هُو عدالت ذريعي معاملي کي منهن ڏيڻ چاهي ٿو. عدالت سندس ضمانت واري درخواست منظور ڪندي هدايت ڪئي آهي ته، هُو (قائم علي شاهه) لاڳاپيل عدالت سان رابطو ڪري ۽ نئب  سان جاچ ۾ سهڪار ڪري.

اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه ۽ سندس ويجهي ساٿي امتياز ملاح، آغا سراج دراني ۽ وسيم اختر خلاف انڪوائري ٿيندي

ضياءَ لنجار، منظور وساڻ ۽ امتياز ملاح خلاف ڪرپشن جي جاچ شروع ٿي وئي

About Asghar Azad

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *