Friday , April 25 2025

ايس اي سي پي جي چيئرمين ظفر حجازي خلاف ڪيس داخل

SECPZafar-Hijazi 01

سلام آباد: ايس اي سي پي جي چيئرمين ظفر حجازي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزا اچي سگهي ٿي: ذريعا

جي آءِ ٽي جي رپورٽ سامهون اچڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪمپني آف پاڪستان جي چيئرمين خلاف اسلام آباد ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽس موجب ظفر حجازي خلاف داخل ڪيل ڪيس / ايف آءِ آر ۾ سرڪاري عهدي تي رهندي پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ، دستاويزن ۾ هيراڦيري ڪري جنهن ڌر/اداري/شخص کي فائدو پهچائڻ سميت مختلف قلم لاڳو ڪيا ويا آهن.

ذريعن موجب ظفر حجازي خلاف داخل ڪيل ڪيس ۾ جيڪي قلم لڳائي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن اُهو ڪيس عدالت ۾ ثابت ٿي وڃي ٿو ته سيڪيورٽي ايجنسي ڪارپوريشن آف پاڪستان جي موجوده چيئرمين ظفر حجازي کي گهٽ ۾ گهٽ 14 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا چاي سگهي ٿي. ڪيس داخل ٿيڻ بابت اڃا تائين ڪابه سرڪاري سطح تي تصديق ناهي ڪئي وئي.

 

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري ڪرونا ۾ مبتلا

ڪراچي (چيف رپورٽر. سنڌسماءَچار) صدر آصف علي زرداري ڪرونا ۾ مبتلا ، هڪ هفتي لاء …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *