Sunday , April 27 2025

ايس ايس پي حسن سردار نيازي جي اڳواڻي ۾ فيض گنج پوليس جي ڌرڻي تي فائرنگ، ڪارڪن گرفتار، صحافين تي تشدد

ايس ايس پي خيرپور حسن سردار نيازيءَ جي اڳواڻي ۾ فيض گنج پوليس ڏاڍ تي لهي آئي، باءِ پاس تي لڳل پرامن ڌرڻي تي فائرنگ، ڪيترائي ڪارڪن ۽ اڳواڻ گرفتار، صحافين تي تشدد

ايس ايڇ او فيض گنج احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن ۽ علائقي واسي نوجوانن جي والدين کي فون تي ۽ گهرائي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته، احتجاج ڪندڙن سندن پٽن، ڀائرن ۽ ٻين سمورن مرد گهر ڀاتين خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويندو. ذريعن موجب ايس ايڇ او سرڪاري ملازمن کي به ڌمڪين وارا پيغام ڏياري موڪليا آهن ته سندن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري سندن لاڳاپيل کاتن کي ليٽر لکي نوڪريون ختم ڪرايون وينديون: ذريعا

فيض گنج (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) سنڌو درياءَ مان ڪئنالن ڪڍڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ، زمينن تي قبضن ۽ ٻٻرلوءِ ڌرڻي سان اظهار يڪجهتي لاءِ لڳل ڌرڻي تي ايس ايس پي خيرپور حسن سردار نيازيءَ جي اڳواڻي ۾ فيض گنج پوليس جي اٽالن جي چڙهائي، ڌرڻي تي سڌي فائرنگ، قومپرست اڳواڻن، ڪارڪن ۽ سماجي اڳواڻن تي سڌي فائرنگ، ڪيترائي ڪارڪن گرفتار، صحافين تي تشدد، ٻيهر ڌرڻو.

 

فيض گنج ۾ پڪاچانگ ٻاهران مهراڻ هاءِ وي تي ڪئنالن خلاف لڳل ڌرڻي ۽ احتجاجي ڪئمپ تي پوليس آچر ڏينهن صبح جو سوير وڏن اٽالن سان چڙهائي ڪري ڏني، پوليس ڪئمپ تي موجود جسقم بشير خان قريشي جي اڳواڻن شاذ خادم، سماجي اڳواڻ ڪامريڊ غلام مرتضي شر ۽ ٻين قومپرست ڪارڪنن، سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين مٿان ڪاهه ڪري سڌي فائرنگ ڪري ڏني، پوليس احتجاجي ڪئمپ لاءِ لڳل تنبو به ڪيرائي ڇڏيو.

پوليس پيرسن سماجي اڳواڻ ڪامريڊ غلامرتضيٰ شر ۽ ٻين ڪارڪنن کي گرفتار ڪري لاڪ ۾ بند ڪري ڇڏيو. فيض گنج پوليس ڪوريج لاءِ پهتل صحافين تي به تشدد ڪيو، جنهن ۾ صحافين جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا. پوليس جي  ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس ڪو به ڪيس داخل ڪرڻ کانسواءِ گرفتار ڪيلن کي غيرقانوني طور حبس بيجا ۾ رکي ڇڏيو آهي. پرامن احتجاجي ڪمپ ۽ ڌرڻي تي فائرنگ ۽ گرفتارين خلاف پڪاچانگ جي شهرين رضاڪارنا طور شٽربند هڙتال ڪري ڇڏي ۽ شهر مڪمل طور بند ٿي ويو.

About admin

Check Also

پيپلزپارٽي وزيراعظم کان ڪئنال رد ڪرڻ جو مطالبو ئي نه ڪيو

پيپلزپارٽي ڪئنالن وارو منصوبو رد ڪرائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرائڻ ۾ ناڪام “پاڪستان پيپلزپارٽي وزيراعظم …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *