Saturday , June 14 2025
Breaking News

اسان لاءِ ٻه مهينا اهم آهن: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ جي وڏي وزير ٻن مهينن کي انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته، پيئڻ جي پاڻي بحران تي ضابطو آڻي شهرين کي پاڻي مهيا ڪرڻ ۾ ايندڙ سموريون رنڊڪون ختم ڪيون وڃن، ڪراچي جي ضلعي اوڀر ۽ سينٽرل وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سي ايم هائوس ۾، پاڻي جي صورتحال تي اجلاس ڪوٺايو ويو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، مڪاني کاتي واري وزير ڄام خان شوري سميت لاڳاپيل عملدارن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڻي صورتحال بابت وڏي وزير کي ڄام خان شوري بريفنگ ڏني. بريفنگ ڏيندي ڄام خان شوري چيو ته ڪراچي جي آبادي هڪ ڪروڙ 70 لک آهي ۽ پاڻي جي گهرج 9 سئو 18 ايم جي ڊي آهي، هن وقت 4 سئو 80 ايم جي ڊي پاڻي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ضلعي اوڀر ۽ سينٽرل ۾ پاڻي کوٽ آهي، ايندڙ ٻه مهينا اهم آهي، جنهن دوران پاڻي کوٽ تي ضابطو آندو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *