Saturday , June 14 2025
Breaking News

آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ايف آءِ اي آڏو پيش نه ٿيندا

ڪراچي(رپورٽ اصغر آزاد     سنڌسماءَچار) جعلي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي فائدو حاصل ڪرڻ واري الزام جو جواب ڏيڻ لاءِ ايف آءِ اي آڏو پيش نه ٿيندا. ان سلسلي ۾ بلاول هائوس ڪراچي جي ذريعن سنڌ سماءَ چار کي ٻڌايو آهي ته، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ايف آءِ آڏو پيش نه ٿيندا. ذريعن ان ڳالهه جو امڪان ظاهر ڪيو آهي ته، آصف زرداري يا فريال ٽالپر ساڳئي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ آڏو پيش ٿي سگهن ٿا. سنڌسماءِچار کي مليل معلومات مطابق ، آصف زرداري اڃا تائين اسلام آباد ۾ ڪنهن دوست وٽ ترسيل آهي. ۽ 12 جولاءِ تي سپريم ڪورٽ پيش ٿيڻ کي رد نه ٿو ڪري سگهجي.

http://www.sindhsamaachar.com/2018/07/10/%D8%A7%D9%8A%D9%81-%D8%A2%D8%A1%D9%90-%D8%A7%D9%8A-%D8%A2%D8%B5%D9%81-%D8%B2%D8%B1%D8%AF%D8%A7%D8%B1%D9%8A-%DB%BD-%D9%81%D8%B1%D9%8A%D8%A7%D9%84-%D9%BD%D8%A7%D9%84%D9%BE%D8%B1-%DA%A9%D9%8A-%D9%86/

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *