ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جي طبيعت ۾ سوا مهينو لاڳيتي علاج باوجود سڌارو اچي نه سگهيو، انجائينه جي تڪليف سبب کيس اينجيوگرافي جي صلاح. ضمانت تي آزادي بعد 14 ڊسمبر تي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل ٿيل اڳوڻي صدر آصف زرداري جي مختلف بيمارين جي ميڊيڪل رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. آصف زرداري جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ چيو ٻن مرضن جو خصوصي طور تي ذڪر ڪيو ويو آهي، رپورٽ مطابق، آصف زرداري کي لاڳيتو انجائينيه جي تڪليف برقرار آهي ۽ سندس شگر ليول تي به ضابطو نه پيو ٿئي. انجائينيه جي لڳيتي تڪليف سبب آصف زرداري کي صلاح ڏني وئي آهي ته سندس انجيوگرافي ڪرائڻ ضروري آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي طبيعت ۾ بهتري اچڻ وارو عمل انتهائي سست آهي.
Tags #AsifZardari #PPP #AsifZardari Asif Zardari
Check Also
ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو
ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو، …