Sunday , June 15 2025
Breaking News

ڪراچي: پنجاب ۾ بهتر حڪمراني جي دعوائن جي پت وائکي ٿي وئي آهي، ريلوي ڦاٽڪ لڳائڻ صوبن نه پر وفاق جي ذميواري آهي: مولابخش چانڊيو

ڪراچي: صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته پنجاب ۾ بهتر حڪمراني جون دعوائون ڪوڙيون ثابت ٿي ويون، ريلوي ڦاٽڪ لڳائڻ صوبن نه پر وفاق جي ذميواري آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولا بخش چانڊيو چيو ته، وفاقي وزير پنهنجي نااهلي تسليم ڪرڻ بدران پيپلز پارٽي جي اڳوڻي حڪومت تي ملبو ڪيرائي رهيا آهن. هن چيو ته گوجرا ٽرين حادثو ريلوي واري وزير جي نااهلي جو واضح ثبوت آهي، خواجه سعد رفيق جي ڪوتاهين سبب انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن. مولا بخش چانڊيو چيو ته، پنجاب ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ ينگ ڊاڪٽرز کي جائز حق ڏيڻ بدران مٿن تشدد ڪرڻ افسوسناڪ عمل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *