Sunday , June 15 2025
Breaking News

ڪراچي: سنڌ حڪومت آءِ جي کي اڪيلو ڪرڻ ۾ رڌل، نئون نوٽيفڪيشن جاري

IG notifcation

سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا وچ ۾ هلندڙ تڪرار چوٽ چڙهي ويو آهي، سنڌ حڪومت آءِ جي جا اختيار محدود ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف ٿي وئي آهي.

ڊپٽي سيڪريٽري امپليمينٽيشن اينڊ ڪوآرڊينيشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز سميت ٻين آفيسرن کي پنهنجي آفيس مان ڪنهن به ٻي پاسي وڃڻ لاءِ سي ايم هائوس کي اطلاع ڪري چيف سيڪريٽري کان اجازت وٺڻ جو پابند بڻايو ويو آهي.

Rizwan Memon01CM in SA

 هڪ نوٽيفڪيشنNO.SO(C-III)/CMS/CMD-26(CM Directive)2017-date 30 May 2017 ۾ چيو ويو آهي ته، ڪو به ڪمشنر، ڊي سي، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڳاپيل هيڊيڪوارٽر/آفيس/اسٽيشن وڏي وزير کي ٻڌائڻ کان سواءِ نه ڇڏي سگهندو.

ڊپٽي سيڪريٽري امپليمينٽيشن اينڊ ڪوآرڊينيشن جي صحيح سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته، ڄاڻايل آفيسرز مان ڪو به آفيسر هيڊڪوارٽر ڇڏڻ کان اڳ سي ايم هائوس ۽ چيف سيڪريٽري کي لازمي طور تي ڄاڻ ڏئي اجازت وٺندو، اهڙي اجازت وٺڻ کان سواءِ ڪو به آفيسر، هيڊڪوارٽر/لاڳاپيل آفيس نه ڇڏي سگهندو.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *