Tuesday , April 29 2025

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو، وفاقي حڪومت، سندس اتحادي پيپلزپارٽي ۽ پ پ جي سنڌ حڪومت سي سي آءِ ۾ سنڌو درياءَ مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو ”گڏيل اتفاق راءِ سان“ مشروط ڪري ڇڏيو، منصوبو مڪمل طور ختم ڪرڻ بدران پاڻي منصوبن بابت ڪميٽي جوڙي ڇڏي. سنڌو مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ لاءِ ايڪنڪ جي ڏنل عارضي / عبوري منظوري ۽ ارسا پاران پنجاب حڪومت کي ڪئنالن ڪڍڻ لاءِ پاڻيءَ جي موجودگيءَ وارا جاري ڪيل سرٽيفڪيٽس وارا فيصلا به صلاح مشوري سان فيصلو ڪرڻ تائين مشروط طور واپس ورتا ويا، حتمي يا هميشه لاءِ واپس نه ٿيا، ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو

اسلام آباد / ڪراچي ( رپورٽ: خاص نمائندو/ اصغر آزاد سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت، سندس اتحادي پيپلزپارٽي ۽ پ پ جي سنڌ حڪومت سي سي آءِ ۾ سنڌو درياءَ مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو ”گڏيل اتفاق راءِ سان“ مشروط ڪري ڇڏيو، منصوبو مڪمل طور ختم ڪرڻ بدران پاڻي منصوبن بابت ڪميٽي جوڙي ڇڏي. سنڌو مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ لاءِ ايڪنڪ جي ڏنل عارضي / عبوري منظوري ۽ ارسا پاران پنجاب حڪومت کي ڪئنالن ڪڍڻ لاءِ پاڻيءَ جي موجودگيءَ وارا جاري ڪيل سرٽيفڪيٽس وارا فيصلا به صلاح مشوري سان فيصلو ڪرڻ تائين مشروط طور واپس ورتا ويا، حتمي يا هميشه لاءِ واپس نه ٿيا، ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ڦاٿل رهندو.

وزيراعظ۾ شهباز شريف جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل / سي سي آءِ جي هنگامي اجلاس جنهن ۾ وڏن وزير مراد علي شاهه، مريم نواز، سرفراز بگٽي، علي امين گنڊاپور، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، انجنيئر امير مقام وفاق جي نمائدي ۽ خصوصي دعوت ڏئي گهرايل 20 کان وڌيڪ شخصيتن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سنڌو درياءَ مان 6 نوان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ سميت ڇهه نڪاتي ايجنڊا تي غور وينچار ڪيو ويو. اجلاس دوران سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه تڪراري ڪئنالن بابت سنڌ اندر جاري تحريڪ، ڌرڻن، احتجاجي مظاهرن، پاڻي ۽ زراعت جي ماهرن جي مخالفت بابت آگاهي ڏني. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي اعتماد جوڳن ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجاس ۾ خصوصي دعوت  ڏئي20 کان وڌيڪ اهم شخصيتن به شرڪت ڪئي، جن ڪئنالن وارو منصوبو مڪمل طور تي رد نه ڪرڻ جي پنهنجي راءِ رکندي وڌيڪ فيصلو وزيراعظم، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ اسحاق ڊار جي مٿان ڇڏي ڏنو.

گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس بابت وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ واضح نموني چيو ويو آهي ته، اجلاس  ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونس؛ “وفاقي حڪومت پاران سنڌو درياءَ مان ڇهن نوَوَن ڪئنالن ڪڍڻ واري منصوبي تي وڌيڪ ڪم ايستائين روڪڻ جي توثيق ڪري ٿي جيستائين ان منصوبي تي صوبن وچ ۾ گڏيل رضامندي/ مفاهمت پيدا نه ٿي ٿئي”. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته،  پاڻي جي منصوبن خاص طور تي نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي تي ايستائين ڪم روڪيو وڃي جيستائين ان تي سي سي آءِ ۾ گڏيل مفاهمت / رضامندي نه ٿي ٿئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته، زراعت جي ترقي، آبپاشي ۽ پاڻيءَ جي ڊگهي مدي وارن ۽ وڏن منصوبن لاءِ وفاقي حڪومت ۽ صوبن جي نمائندگيءَ سان هڪ ڪميٽي قائم ڪئي ويندي، جيڪار زرعي پاليسي ۽ پاڻيءَ وسيلن لاءِ ڊگهي مدي وارن ترقيءَ جي منصوبن بابت سفارشون تيار ڪندي.

سي سي آءِ جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌو مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ لاءِ ايڪنڪ جي ستين فيبروريءَ  2024 تي ڏنل عارضي / عبوري منظوري ۽ سترهين جنوريءَ 2024 تي ارسا پاران پنجاب حڪومت کي ڪئنالن ڪڍڻ لاءِ پاڻيءَ جي موجودگيءَ وارا جاري ڪيل سرٽيفڪيٽس وارا فيصلا به ايستائين واپس ڪجن ٿا جيستائين صلاح مشوري سان فيصلو نه ٿو ڪيو وڃي ( مطلب انهن سرٽيفڪيٽس جي واپسي جو فيصلو به حتمي/هميشه لاءِ ناهي) جيستائين مڪمل مشاورت سان فيصلو نٿو ٿئي.

About admin

Check Also

”پيپلزپارٽي ڪا جنازا هئ، ذرا ڌوم سي نڪلي“: سينيئر وڪيل ڪامريڊ شبير شر

” پيپلزپارٽي وارن جيڪا ڪوڙي، جعلي ۽ نقلي پريس ڪانفرنس ڪئي، اڄ هي ان تي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *