Sunday , June 15 2025
Breaking News

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش کي ساڙيو ويو، جسم جي مختلف حصن تي تشدد جا به نشان موجود هئا، شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري. سول اسپتال حيدرآباد جي پوليس سرجن پاران جاري ڪيل ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، ڊاڪٽر آڪاش کي ڇُرين جا وار ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، سندس جسم تي تشدد جا 12 کان وڌيڪ تشدد نشان هئا، هن کي پهريل ڪپڙن ۾ گاسليٽ جي بوءِ هئي. ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب ڇرين جا زخم ڦڦڙن تائين وڃي پهتا، ڊاڪٽر آڪاش جِي مڻڪي واري هڏي به ڀڳل هئي، سندس ڳچي ۾ 6، ڇاتي ۾ 4، پيٽ تي 3، پٺيءَ تي هڪ ۽ ڄنگهه تي به هڪ هڪ زخم هو.

About admin

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *