اسلام آباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن اميدوارن پاران ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جون درخواستون ڏيڻ بعد قومي اسيمبلي جي 10 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 16 تڪن تي ٻيهر ڳڻپ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 57 راولپنڊي، اين اي 158 ملتان، اين اي 110 فيصل آباد، اين اي 129 لاهور تي چونڊن جي ٻيهر ڳڻپ جي منظوري ڏني وئي آهي. اليڪشن ڪميشن اين اي 15 ايبٽ آباد، اين اي 10 شانگله، اين اي 159 ملتان ۽ اين اي 170 بهاولپور تي به چونڊن جي ٻيهر ڳڻپ جي منظوري ڏني آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اميدوارن جي درخواست تي صوبائي تڪ پي پي 290، پي پي 291، پي پي 292 ، پي پي 220 ۽ پي پي 228 تي به ٻيهر ڳڻپ جي منظوري ڏني وئي آهي.
Check Also
صدر آصف زرداري ڪرونا ۾ مبتلا
ڪراچي (چيف رپورٽر. سنڌسماءَچار) صدر آصف علي زرداري ڪرونا ۾ مبتلا ، هڪ هفتي لاء …