اسلام آباد: سينيٽ آف پاڪستان جي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ قومي اسيمبلي مان منظور ٿيل قرآن پاڪ ناظره ۽ ترجمي سان گڏ لازمي پڙهائڻ وارو بل 2017ع منظور ڪري ڇڏيو آهي آهي، بل اسلام آباد ۽ وفاق جي انتظامن هيٺ اسڪولن تي لاڳو هوندو. قومي اسيمبلي ۽ بعد ۾ سينيٽ ڪميٽي پاران منظور ڪيل بل مطابق هر مسلمان شاگرد ۽ شاگردياڻي لازمي هوندو ته، پهرين کان پنجين درجي تائين ناظره قرآن ۽ ڇهين ڪلاس کان ٻارهين ڪلاس تائين قرآن پاڪ آسان ترجمي سان پڙهڻ لازمي هوندو. قرآن پاڪ ناظره ۽ ترجمي سان گڏ لازمي پڙهائڻ وارو بل 2017ع غيرمسلم شاگردن ۽ شاگردياڻين تي لاڳو هوندونه ٿيندو. غيرمسلم پاڪستاني شاگرد اخلاقيات جو مضمون پڙهندا. بل سرڪاري توڙي خانگي تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ سمورن مسلمان شاگردن ۽ شاگردياڻين تي لاڳو هوندو. مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان چيو ته قرآن پاڪ آسان ترجمي سان دينيات جي پيرڊ ۾ پڙهايو ويندو. 7 سالن ۾ شاگرد پوري قرآن پاڪ کي سمجهي وٺندا. هن چيو ته آئين ۾ وضاحت سان لکيل آهي ته قرآن ڪريم جي تعليم رياست جي ذميواري آهي، اسان آئيني ۽ مذهبي فرض ادا ڪندي آئيني گهرج پوري ڪئي آهي، بل جا مقصد سادا رکيا ويا آهن، اهو بل اسلام آباد ۽ وفاق جي انتظام هيٺ اسڪولن تائين محدود رهندو ۽ سمورا صوبا به ان قانون کي لاڳو ڪرڻ تي راضي آهن.
Check Also
ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو
ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو، …