Sunday , June 15 2025
Breaking News

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ضمانت ضبط ٿي وئي

faisal Mir 1

لاهور: نوازشريف جي نااهل ٿيڻ بعد 17 سيپٽمبر تي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 120 تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي نامزد ڪيل اميدوار فيصل مير جي ضمانت به ضبط ٿي وئي آهي.

اين اي 120 تي پيپلز پارٽيءَ جي اميدوار فيصل مير فقط 2 هزار 520 ووٽ حاصل ڪري سگهيو آهي. فيصل مير اليڪشن ڪميشن جي قائدن ۽ ضابطن مطابق مقرر ڪيل ووٽ حاصل ناهي ڪري سگهيو انڪري سندس ضمانت ضبط ٿي.

قومي اسيمبلي جي ساڳئي تڪ تي 2013 ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو اميدوار زبير ڪاردار دار هو. محمد زبير ڪاردار نواز شريف ۽ ياسمين راشد جي مقابلي ۾ 2 هزار 6 سئو 4 ووٽ حاصل ڪيا هئا. اهڙي طرح ننڍي چونڊ ۾ پيپلز پارٽي کي 2013 جي عام چونڊن جي ڀيٽ ۾ 84 ووٽ گهٽ مليا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *