لاڙڪاڻو (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو، سنڌ ۾ امان امان جي خراب صورتحال ۽ ڌاڙيلن کي جديد هٿيار ملڻ تي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کان سخت پڇاڻو، آءِ جي امن امان جي صورتحال کي بهتر قرار ڏئي ڇڏيو. قمبر ۾ قتل ڪيل ماسترياڻي صدف حاصلو ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران آءِ جي سنڌ عدالت ۾ پيش ٿيو، جسٽس احمد علي سهتو ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کان امن امان جي صورتحال به سخت سوال ڪيا، عدالت آءِ جي سنڌ کان پڇاڻو ڪندي چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، شڪارپور کان ڪنڌڪوٽ تائين ڌاڙيلن جو راڄ آهي، ماڻهو ڏوهارين جي خوف کان رات جو سفر نٿا ڪري سگهن، گهرن کان نڪرندي به ماڻهن کي خوف ٿئي ٿو. ٻڌڻي دوران جسٽس امجد علي سهتو آءِ جي سنڌ کان سوال ڪيو ته وڏيرا گاڏيون ڀري ڌاڙيلن کي هٿيار فراهم ڪن ٿا، پوليس انهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي آهي، هن وقت تائين پوليس ڪيترن ڌاڙيلن کي ماريو يا گرفتار ڪيو آهي؟. عدالت سوال ڪيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ رينجرز ڇا ڪري رهي آهي، ان کي ڪيتري بجيٽ ڏني وڃي ٿي، رينجرز هيل تائين ڪيترن ڌاڙيلن کي پڪڙيو آهي، جنهن تي گهرو کاتي جي سيڪريٽري عدالت کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت رينجرز کي 6 ڏهائي هڪ ارب رپيا ڏئي رهي آهي، جنهن تي جسٽس امجد علي سهتو رمارڪس ۾ چيو ته ايتري بجيٽ هئڻ باوجود رينجرز سنڌ ۾ هڪ به ڌاڙيل ناهي پڪڙيو، بهتر آهي ته اوهان 2 ارب پوليس کي ڏيو، جيئن اها جديد هٿيار خريد ڪري ۽ پنهنجي صلاحيتن کي بهتر ڪري.
Check Also
سنڌ پوليس هٿان شهيد عرفان لغاري جو زبردستي کنيل لاش گچيرو ٿاڻي تي ايمبولينس ۾ ڊي_ڪمپوز ٿيڻ لڳو
حيدرآباد سول اسپتال مان پوليس پاران زبردستي کنيل شهيد عرفان لغاري جو لاش مورو ويجهو …