ڪراچي ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ چارجڊ پارڪنگ واري ڪيس ۾ ايڊووڪيٽ جنرل، مڪاني ادارن واري سيڪريٽري، ڊي جي ڪي ڊي اي ۽ ايس ايس پي ڏکڻ کي نوٽيس جاري ڇڏيا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪلفٽن واري علائقي ۾ چارجڊ پارڪنگ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. درخواست گذار عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران چارجڊ پارڪنگ کان روڪڻ باوجود بيچ ويو، بوٽ بيسن سميت ڪلفٽن جي 9 هنڌن تي غيرقانوني طور پارڪنگ فيس وصول ڪئي پئي وڃي. درخواست گذار وڌيڪ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪي ڊي اي غيرقانوني طور چارجڊ پارڪنگ جا ٽينڊر جاري ڪيا، جنهنڪري ٺيڪيدارن کي وصولي کان روڪيو وڃي. عدالت، موقف ٻڌڻ کانپوءِ ايڊووڪيٽ جنرل، مڪاني کاتي جي سيڪريٽري، ڊي جي ڪي ڊي اي ۽ ايس ايس پي ڏکڻ کي نوٽيس جاري ڪندي حڪم ڏنو ته درخواست گذار کي ڪنهن به صورت ۾ حراسان نه ڪيو وڃي.
Check Also
پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان
وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …