Sunday , May 11 2025

نيٺ 35 سالن کانپوءِ سئنيما گهرن تي لڳايل پابندي ختم ٿي وئي، شوبز کي هٿي ڏياري ويندي

رياض ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سعودي عرب جي حڪومت ملڪ 35 سالن کانپوءِ نيٺ ملڪ ۾ سئينيما گهرن تي لڳايل پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي، ملڪ اندر هڪ ڀبيرو ٻيهر ملڪ اندر سئنيما گهر قائم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، 2018 ۾ سئنيما گهر قائم ڪرڻ جي اجازت هوندي،لائسنسز جاري ڪرڻ لاءِ قائدا ضابطا به جلد جاري ڪيا ويندا. سعوي حڪومت ملڪ ۾ سينيما گهرن تي لڳل پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي.

سعودي عرب جي شهزادي محمد بن سلمان بن سئنيما گهرن تان پابندي ختم ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ 1980 ڌاري سئنيما گهرن تي لڳايل پابندي مڪمل طور تي ختم ڪئي وئي آهي. لڳ ڀڳ 35 سال اڳ سعودي عرب ۾ ٿيٽر ۽ ننڍا سئنيما گهر موجود هئا، جتي ڊاڪيومينٽريز ۽ ٻيون فلمز به ڏيکاريون وينديون هيون.

 چيو پيو وڃي ته اهڙو فيصلو سعودي ولي عهد محمد بن سلمان پاران رياست ۾ جاري سماجي سڌارن جو حصو آهي.  سعودي عرب جي اطلاعات واري وزير جو چوڻ آهي ته سينيما گهرن کي فلمن جي نمائش لاءِ اجازت ڏيڻ انقلابي لمحو آهي. سعودي وزير عواد العواد پنهنجي هڪ بيان ۾وڌيڪ چيو ته سينيما گهرن کي لائيسنس جاري ڪرڻ وارو عمل جلد شروع ڪيو ويندو. سعودي عرب ۾ 1980 ع واري ڏهاڪي دوران سينيما گهرن تي پابندي لڳائي وئي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

اسپين ويندڙ غيرقانوني پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي، 50 ماڻهو ٻڏي مري ويا

اسپين ويندڙ غيرقانوني پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي، 44پاڪستانين سميت 50 ماڻهو ٻڏي مري ويا ڪراچي( …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *