Sunday , June 15 2025
Breaking News

مٺي ۾ قتل ڪيل ٻن ڀائرن جي قتل ڪيس جا جوابدار اڃا سوگها نه ٿيا

مٺي (سنڌسماءَچارنيوز) مٺي شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ڪيل ٻن هندو واپاري ڀائرن جي قتل واري واقعي کي 27 ڏينهن ٿي ويا آهن پر اڃا تائين قاتلن جو ڪو به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو. پوليس اڃا تائين جوابدارن جي ڳولا لاءِ هٿ ڪيل سي سي ٽي وي فٽيجز ۽ واقعي واري هنڌ جي جيو فينسنگ ناهي ڪرائي سگهي. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻن سڳن ڀائرن دليپ ۽ چندر مهيشوري جي قتل بعد آءِ جي سنڌ به سندن تڏي تي وڃي تعزيت ڪئي هئي ۽ جوابدارن جي فوري گرفتاري جو وعدو ڪيو هو، پر آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي وعدي تي به عمل ناهي ٿي سگهيو.

ان سلسلي ۾ ايس ايس جوابدارن جي گرفتاري يا انهن جي نشادهي ڪندڙ لاءِ 5 لک رپين جي انعام جو اعلان ڪيو آحي. پوليس واقعي جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ ورتو هو پر جاچ بعد کين ڇڏي ڏنو هو. جن لاءِ پوليس جو چوڻ هو ته حراست ۾ ورتل ماڻهو بيڏوهي هئا.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *