Friday , April 25 2025

موبائل ڪمپنين پاران ٽئڪس ڪٽوتين جو چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ موبائيل فون جي 100 رپين واري ڪارڊ ۾ 40 رپيا ڪٽوتي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي حڪومت ۽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار موبائيل فون جي 100 رپين واري ڪارڊ ۾ ٽيڪس ۽ ٻين شين جي مد ۾ 40 رپيا ڪٽوتي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو. چيف جسٽس ثاقب نثار  چيو ته 100 رپين واري ڪارڊ ۾ 40 رپيا ڇو ۽ ڪهڙي مد ۾ ڪٽيا وڃن ٿا. چيف جسٽس اٽارني جنرل ۽ موبائيل فون ڪمپنين کي نوٽيس جاري ڪندي وضاحت طلب ڪري ورتي، پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي آڱاري واري ڏينهن ٿيندي.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري ڪرونا ۾ مبتلا

ڪراچي (چيف رپورٽر. سنڌسماءَچار) صدر آصف علي زرداري ڪرونا ۾ مبتلا ، هڪ هفتي لاء …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *