Sunday , June 15 2025
Breaking News

لياري ۾ ڏوهارين سان رينجرز ۽ پوليس جو مقابلو، هڪ اهلڪار شهيد،3 زخمي

ڪراچي( سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) لياري جي علائقي علي محمد ذڪري پاڙي ۾ رينجرز ۽ جوابدارن جي وچ ۾ مقابلي دوران هڪ جوان شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا.جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار به مارجي ويو. رينجرز ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، لياري جي علي محمد ذڪري پاڙي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار  گشت تي هئا ته ان تي هينڊ گرنينڊ  ۽ جديد هٿيارن سان حملو ڪيو ويو. جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ رينجرز جو جوان فواد شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا. واقعي کانپوءِ رينجرز ۽ پوليس جاوڏا اٽالا طلب ڪيا ويا. ترجمان موجب چوڻ آهي ته دهشتگردن جي قبضي مان هينڊ گرنينڊ،3 عدد ايوان بم، نائين ايم ايم پسٽل، ۽ 2 ميگزين هٿ ڪيا ويا. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان مقابلي دوران هڪ جوابدار به مارجي ويو. رپورٽ مطابق علائقي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن آغا پٺاڻ ۽ غفار ذڪري جي ڀاءَ جي موجودگي تي آپريشن  ڪيو ،جنهن دوران جوابدارن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. مقابلي دوران ٽن جوابدارن جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *