Sunday , June 15 2025
Breaking News

لياري بنا اجازت جي ريلي ڪڍڻ ۽ چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي بلاول ڀٽو زرداري کي نوٽيس جاري

اسلام آباد ( رپورٽر سنڌسماءَچار) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي لياري ۾ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي جو نوٽيس جاري ڪندي 5 جولاءِ تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته هنن لياري دوري بابت انتظاميا کي آگاهه ڪيو هو. ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي نوٽيس جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته پهرين جولاءِ تي لياري ۾ نڪتل ريلي بابت انتظاميا کي آگاهه نه ڪري ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. ڊپٽي ڪمشنر پ پ چيئرمين کي 5 جولاءِ تائين ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي بابت جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري وضاحت نه ڪئي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن پ پ اڳواڻ سعيد غني وضاحت ڪندي چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لياري ۾ ريلي نه پر دورو ڪيو هو.  واضح رهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چونڊ مهم جي شروعات لياري مان ڪئي هئي، جنهن دوران سندس قافلي تي پٿراءُ به ڪيو ويو هو. پ پ چيئرمين بلاول جي قافلي تي پٿراءُ جو چار سئو کان وڌيڪ ماڻهن تي ڪيس به داخل ڪرايو ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *