Sunday , June 15 2025
Breaking News

لاڙڪاڻي مان چونڊيل اڳوڻي ايم اين اي شاهد ڀٽو جا ”اصولي اختلاف“ 30 ڏينهن ۾ ٻي قلابازي

شاهد ڀٽو پي ٽي آءِ ۾ شموليت وقت

لاڙڪاڻو ( رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي شاهد ڀٽوپرو هڪ مهينو اڳ پيپلز پارٽي سان اختلاف رکندي عمران خان سان ملاقات ڪري پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو. 11 هين مئي تي هن پ پ ڇڏي پيٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. شاهد ڀٽو جو پ پ ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ وقت چيو هو ته، پ پ سان سندس اصولي اختلاف هئا، پ پ 10 سالن جي اقتدار دوران سنڌ جي ماڻهن کي ڪجهه به نه ڏنو. پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جي  لڳ ڀڳ ٻن هفتن کانپوءِ شاهد ڀٽو کي وري ياد اچي ويو ته پ پ ته سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي، انڪري هُن پي ٽي سان اصولي اختلاف رکندي ان کي الوداع ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اڳوڻي ايم اين اي شاهد ڀٽُ اڄ وري لاڙڪاڻي ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعجلان ڪري ڇڏپيو آهي.

         شاهد ڀٽو 30 ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ ۾ شموليت وقت

    شاهد ڀٽو 30 ڏينهن کانپوءِ  پ پ پ ۾ شموليت وقت

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *