Sunday , June 15 2025
Breaking News

فيض گنج: پيرسن ڳوٺاڻي جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج، انصاف جو مطالبو

فيض گنج ۾ ڪوٽ لالو واسي پيرسن ڊي ايس پي جي مبينا زيادتين ۽ زمين تي قبضي خلاف احتجاج ڪيو آهي. ڳوٺ ڏاتر ڏنو خاصخيلي جي رهواسي پيرسن خان محمد خاصخيلي ڪي ٽي اين نيوز آفيس پهچي دانهيو ته سندس حصي جي 2 ايڪڙ زمين ۽ گهر تي سڳن ڀائرن ڏاتر ڏنو، ماستر حبيب الله ۽ ڀائيٽن گذريل 6 سالن کان قبضو ڪري ڇڏيو آهي. هن ٻڌايو ته ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور جي حڪمن باوجود ڊي ايس پي فيض گنج علي گل منگي سندس زمين تي ٿيل قبضو خالي ڪرائڻ لاءِ ڪا به ڪارروائي نٿو ڪري. هن مطالبو ڪيو ته ڊي ايس پي فيض گنج جي لاپرواهي جو نوٽيس وٺي سندس زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *